سوات متاثرن کي سرحد ۾ ترسايو وڃي، سنڌ ڌارين جي
آبادڪاري سبب ڀوڳي پئي:قومي ڪانفرنس
ڪراچي (رپورٽ:امتيازچانڊيو) سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان سان لاڳاپيل 24 کان وڌيڪ سياسي، قومپرست پارٽين، سماجي اڳواڻن ۽ مختلف ماهرن سرحد کان سواءِ سنڌ سميت ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ سوات متاثرن جي يلغار کي آباد ڪرائڻ جي سخت مخالفت ۽ سوات ۾ هلندڙ فوجي آپريشن جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ 1940ع واري قرارداد تي عمل نه ٿيڻ، صوبن کي حق نه ڏيڻ، ڊگهي عرصي تائين غير جمهوري حڪومتن جو رهڻ ملڪ جي بحرانن جو بنيادي سبب آهي، سوات متاثرن کي سرحد ۾ رهايو وڃي، سنڌ اهڙي ڪا به قرباني نه ڏيندي، جنهن ۾ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن ۽ گڏيل قومون سنڌين لاءِ ڪئمپون قائم ڪن، جڏهن ته پختون اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ ايندڙ سوات متاثر سنڌ تي قبضو نه ڪندا، تن خلاف پرتشدد هڙتالون ڪرڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا، ڪالهه عوامي تحريڪ پاران پاڪستان ۾ قومي ۽ جمهوري سوال، دهشتگردي ۽ ”لاقانونيت“ جي سري هيٺ قومي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ سنڌ سميت بلوچستان، سرحد، پنجاب مان مسلم ليگ (ن) سميت مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ٺهراءُ پاس ڪندي چيو ويو ته قومي ڪانفرنس ملڪ ۾ وڌندڙ طالبانائيزيشن جي سخت مذمت ڪندي انتهاپسندن جي خلاف حڪومتي قدمن جي حمايت ڪري ٿو، پر اهو به مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته عام شهرين جي جان ۽ ملڪيتن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، مالاڪنڊ، سوات، بنير ۽ ٻين علائقن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙن کي پختون خواهه صوبي ۾ ئي رکيو وڃي، انهن جي ٻين صوبن ڏانهن لڏپلاڻ کي سختي سان روڪيو وڃي، ڇو ته اڳ ئي سنڌ ڌارين جي آبادڪاري سبب ڀوڳي رهي آهي،ڪانفرنس ۾ بلوچستان ۾ آپريشن بند ڪرڻ جو مطالبوڪندي چيو ويو ته ملڪ ۾ پارليامينٽ جي ميمبر سان گڏ اعليٰ سطحي ۽ با اعتماد محب وطن ماهرن تي پرڏيهي پاليسي، فوجي ۽ جنگي پاليسي، اقتصادي پاليسي، حڪمرانن ۽ وفاق پاران وفاق ۾ شامل قومن جي حقن، قومي وسيلن ۽ حق حڪمراني توڙي ٻين مسئلن تي جدا جدا اعليٰ سطحي جاچ ڪميشنس قائم ڪيون وڃن، جنهن جا نتيجا بعد ۾ قوم سامهون پيش ڪياوڃن، اين ايف سي گڏيل مفادن واري ڪائونسل توڙي ٻين عوامي مفادن واري ادارن کي سگهارو بنايو وڃي، ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو ته اسان کي پنجاب خلاف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان بيوقوف ناهيون جو استعمال ٿيون، هن چيو ته هي نظام بدلجي سگهي ٿو اهو ممڪن آهي، ان لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، ملڪ جي ناليواري وڪيل اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن چيو ته هن ملڪ کي جهموريت بنا هلائي نه ٿو سگهجي، هن چيو ته پاڪستان ۾ صوبن کي گهڻي مان گهڻي صوبائي خودمختياري ملڻ گهرجي، 73ع واري آئين ۾ شامل ڪنڪرٽ لسٽ کي ختم ٿيڻ گهرجي، ان تي ڪو به اختلاف ناهي، هن چيو ته ملڪ جي اڪثريت شدت پسند ناهي،گهڻي ڀاڱي امن پسند ۽ شانتي پسندن جي آهي، هن چيو ته رياست پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ مسلسل ناڪام ٿي آهي، جنهن ڪري هي مسئلا پيدا ٿيا آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ وڪيلن جي تحريڪ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ان کي ڪڏهن به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پاڪستان ۾ لاقانونيت، بک بدحالي، جهموريت جي منطقي انجام جو نتيجو اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اسان کي ڪوڙ ٻڌايو ويو، اسان کي ڪوڙي تاريخ پڙهائي وئي، هن چيو ته جيڪي سوات جي متاثرن کي آءِ ڊي پيز چون پيا ته اهو ٽرم ئي غلط آهي، هي آءِ ڊي پيز ناهن، هو 15 سئو ڪلوميٽر سفر ڪري هتي اچن پيا، انهن کي سرحد، پنجاب بلوچستان جو اڌ پشتون علائقو نظر نه ٿو اچي، سي سنڌ ۾ اچن پيا، اڳي ئي ڪراچي ميدان جنگ بڻيل آهي، ايم ڪيو ايم وارا اڳي ئي دعويٰ ڪن پيا ته ڪراچي سندن آهي، وري هاڻي ته بلوچ به چون پيا ته ڪراچي هنن جي آهي، ان کانسواءِ بنگالي، بهاري، برمي ۽ ٻيا ڌاريا به ساڳئي ڳالهه ڪن پيا، اسان هڪ پليٽ ۾ هي شهر ڏئي جهنگ ڏانهن ته هليا وڃون ڇا، جيڪڏهن ائين ٿيو ته گڏيل قومون اسان لاءِ ڪئمپون لڳائينديون ۽ اسان پنهنجي ڌرتي ڪئمپن ۾ ويهي ماني جي خيرات پيا گهرنداسين، هن چيو هن ملڪ ۾ جيڪي خرابيون آهن تن کي ختم ڪرڻ لاءِ نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي، پختون خواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ عبدالرحيم مندوخيل چيو ته اسان جي مٿان دهشتگردي مڙهي وئي آهي، جيڪي سوات مان متاثر سنڌ آيا آهن سي هتي رهڻ نه ٿا چاهين، ڇو ته هتي هر ڪنهن جو ڪو نه ڪو عزيز رهي ٿو، تنهن ڪري هو انهن وٽ عارضي طور پناهه وٺڻ آيا آهن، تنهن ڪري متاثرن جي اچڻ کي سنڌ مٿان قبضو نه سمجهيو وڃي، اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جا وارث سنڌي آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ سوات متاثرن جي خلاف هڙتال ڪئي وئي، پر اها ڪهڙي هڙتال آهي جنهن ۾ بسن ۾ انسانن کي ساڙيو وڃي، اسان به هڙتال ڪندا رهيا آهيون پر اهي پر امن هونديون آهن، هي ڪهڙي هڙتال هئي جنهن ۾ گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، هڪ بس ۾ عورت سڙي رهي هئي پر ڪير به ان کي بچائڻ وارو نه هو، اها دهشتگردي آهي، جنهن جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، هن چيو ته اسان جهموريت پسند آهيون، جيڪڏهن سنڌين کي ڪو مسئلو آهي ته هن جرڳي ۾ پيش ڪيو وڃي، ان تي ڳالهائي سگهجي ٿو، ڇو ته اسان پرامن جدوجهد سان تبديلي آڻي سگهون ٿا، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته 48ع کان وٺي اڄ تائين ملڪ ۾ آئين گهڻ قومي هجڻ يا نه هجڻ وارو مامرو حل ناهي ٿي سگهيو، ڇو ته هن ملڪ جو وجود ئي گهڻ قومي رياستن جي بنياد تي پيو هو، جنهن ۾ قائد اعظم محمد علي جناح چيو هو ته پاڪستان ۾ مذهب ۽رياست کي جدا رکيو ويندو، ان جو مطلب هتي مذهبي فرق ختم ٿي چڪو هو، جيستائين قومي مسئلا حل نه ٿيندا، تيستائين پاڪستان حقيقي رياست بڻجي نه سگهندو، هن چيو ته 73ع واري آئين ۾ ترميم يا ڪنڪرٽ لسٽ جي خاتمي سان سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا، اسان ان مان مطمئن ناهيون، هاڻي ڪنڪرٽ لسٽ جو خاتمو اسان جو مسئلو ناهي،ڳالهه ان کان اڳتي نڪري چڪي آهي، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صديق الفاروق چيو ته جيڪڏهن هن ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جو تسلسل هجي ها ته اڄ هن ڌٻڻ ۾ جمهوري حڪومت ڦاٿل نه هجي ها، نه ئي تابوتن ۾ لاش اچن ها، ناليواري قانوندان مجيب پيرزادو چيو ته جن کي حڪومت ۽ مخالفت جو ووٽ مليو، سي سڀ گڏجي ويا آهن، ڪي وزير آهن ته ڪي مشِير، پر جيڪي اصل مخالف آهن سي هن ڪانفرنس ۾ گڏ آهن، هن چيو ته اسان کان شهيد محترمه جون تصويرون ڏيکاري ۽ ڪوڙا واعدا ڪري ووٽ وٺي ويندڙن دوکو ڪيو آهي، نيشنل عوامي پارٽي بلوچستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد اسحاق بلوچ چيو ته طالبان هاڻي جا پيدا ٿيل ناهن نه ئي رات وچ ۾ لٿا آهن، انهن جو ٻج حڪمرانن 1979ع ۾ ان وقت پوکيو هو، جڏهن افغانستان ۾ انقلاب برپا ٿيو هو، ان وقت هتان کان طالبان مرسڊيز گاڏين ۾ قنڌار ۽ ڪابل جو سفر ڪندا هيا، انهي دور ۾ نيشنل عوامي پارٽي ملڪ جي وڏي سيڪيولر ۽ جمهوري پارٽي هئي، پر جنرل ضياءَ جي سموري قيادت کي حيدرآباد جيل ۾ بند ڪري ڊرامو رچايو ۽ هن ملڪ ۾ انتهاپسندي کي هٿي وٺرائي، هن چيو ته جنهن خان آف قلات قائداعظم محمد علي جناح سون ۾ توريو هو، ان شهر جي مسجدن کي توپن سان تباهه ڪيو ويو، هن چيو ته بلوچستان جو مسئلو هاڻي صوبائي خودمختياري کان اڳتي وڌي چڪو آهي، نيشنل ورڪرز پارٽي پاڪستان جي سربراهه عابد حسن منٽو چيو ته ملڪ جي قومي سوال گذريل 60 سالن کان موجود آهي، جنهن تي صرف 10 منٽن ۾ نه ٿو ڳالهائي سگهجي، ڇو ته اڄ تائين اسان هن قومي سوال کي حل نه ڪري سگهيا آهيون ته جيڪي صوبا آهن، جيڪي قومون آهن، انهن جو ڪهڙو نالو ۽ ڪهڙو مقام آهي، اهو هڪ منجيهل مسئلو آهي، هن چيو ته طالبان دهشتگرد آهن، اهي رڳو سوات ۾ ناهن اهي ملڪ جي ٻين شهرن ۾ سياسي ۽ مذهبي روپ ۾ موجود آهن، اسان جو موقف واضح آهي ته جيڪي آئين کي نه مڃن، حڪومتي رٽ کي نه مڃن تن دهشتگردن کي ختم ڪرڻ گهرجي، جسم جي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو چيو ته 73ع جو آئين قومن جي حقن تان هٿ کڻڻ جو دستاويز آهي، ان تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي، اسان ان آئين جي بحالي جو مطالبو نه ڪنداسين، عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ امين خٽڪ چيو ته دهشتگردي ڪنهن به شڪل ۾ هجي اسان ان جي مذمت ڪيون ٿا، سنڌ ۾ سوات متاثرن جي خلاف احتجاج ڪيا پيا وڃن، پر اسان يقين ٿا ڏياريون ته جيڪي به متاثر اچن پيا اهي سنڌ تي قبضو نه ڪندا، هي سڀ واپس هليا ويندا، ان موقعي تي ايوب شر، اظهر جتوئي، پروفيسر جميل عمر، رفيق صفي، نذير ميمڻ، زاهده شيخ، رئوف ساسولي، ڏاڏا قادر رانٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
(روازنه ڪاوش حيدرآباد جي رپورٽ،24 مئي 2009ع.
(روازنه ڪاوش حيدرآباد جي رپورٽ،24 مئي 2009ع.
Exclusive report on IDPs...
Around 50,000 IDPs of NWFP has been settled in Karachi within two weeks (Daily kawish)
ڪراچي (رپورٽ: امتياز چانڊيو) آپريشن سبب سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ لڏي آيلن جو انگ 50 هزار کان به وڌي ويو آهي، جن مان اڪثريت طالبان سان هلندڙ ويڙهه ڊگهي ٿيڻ ۽ 70 سيڪڙو گهر تباهه ٿيڻ سبب جنگ بند ٿيڻ باوجود پنهنجي حسين وادين ڏانهن واپس ٿيڻ جا امڪان رد ڪندي مستقل روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون آهن، جڏهن ته سوات ۽ بونير کان پهريون ڀيرو سرڪاري انگن اکرن موجب هڪ ڏينهن ۾ 2000 هزار ماڻهو ڪراچي پهتا آهن، ان کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ روزانو هڪ هزار کان ڏيڍ هزار پناهگير ڪراچي ۾ ايندا رهن ٿا. جن جي سرڪاري سطح تي صرف خانا پوري واري رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي، متاثر علائقن مان آيل هڪ خاندان گهٽ ۾ گهٽ 8 ڀاتين تي ٻڌل هجي ٿو، جڏهن ته ڪيترا ئي خاندان 15 کان 25 ڀاتين تي ٻڌل آهن، ان حساب سان رڳو عوامي نيشنل پارٽي وٽ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته گهرو کاتي جي هدايتن تي سنڌ پوليس ٽول پلازه وٽ پوليس چوڪي قائم ڪري سرحد مان ايندڙ مسافر گاڏين جي چڪاس وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ صبح کان شام تائين لڳ ڀڳ 2000 هزار مرد، عورتون ۽ ٻارڙا متاثر علائقن مان سفر ڪري ڪراچي پهتا آهن، جتي پوليس کين صرف 5 سوال پڇي اڳتي روانو ڪري ڇڏي ٿي پر سندن مڪمل طور تي ڪا به ڄاڻ يا وڊيو رڪارڊنگ نه ٿي رکي وڃي، جڏهن ته گذريل رات کان ٽول پلازه تي پوليس سوات، بونير ۽ ٻين علائقن مان ايندڙ گاڏين کي روڪي تلاشي وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ چيڪنگ ڪندڙ انچارج ڪاوش سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته هڪ ڏينهن ۾ 2000 ماڻهو ڪراچي آيا آهن، جڏهن ته روزانو هڪ هزار کان ڏيڍ هزار تائين مرد، عورتون ۽ ٻار ڪراچي طرف اچن ٿا،جڏهن ته پناهگيرن جي حوالي سان شهر اندر ڪٿي به اهڙي قسم جي ڪا مانيٽرنگ نظر نه آئي، جڏهن ته متاثر علائقن مان ايندڙ اڪثريت واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن ورڻ واري امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان بابت اڪثر متاثرن ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته مالا ڪنڊ ڊويزن ۾ ويڙهه ڊگهي آهي، ان دوران شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڇا بچندو؟ ان جي ڪا خبر ناهي جڏهن گهر ئي نه رهندا واپس وڃي ڇا ڪجي؟ سوات جي متاثر علائقن مان ڪراچي پهتل ۽ اي اين پي جي مرڪزي آفيس ۾ امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺل 200 کان وڌيڪ عورتون، مرد ۽ ٻارڙا جتي پريشان نظر آيا، اتي اڪثر متاثرن جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ سندن عزيز اڳواٽ ئي رهن ٿا. تنهنڪري هو ڪوشش ڪندا ته سندن روزگار جو بندوبست ڪري هتي ئي ترسندا، سوات جي ڊگرام واري علائي مان گهرڀاتين سان گڏ آيل نوجوان گل حسين ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته جنگ ختم ٿيندي ته واپس وينداسين پر ڳوٺ ۾ ڪجهه بچيو ئي ناهي. سوات ۾ جيڪي ڪارروايون ٿين پيون ان ۾ عام ماڻهن جو ئي نقصان ٿئي پيو، گل حسين چيو ته جيڪڏهن روزگار ملي ويو ته پوءِ اسان واپس نه وينداسين. سوات جي علائقي ڪبل جي رهواسي 24 ڀاتين سان گڏ آيل شفيع الله چيو ته ڳوٺ ۾ ڪجهه بچيو ئي ناهي. واپس ڪيئن وڃون، مٽا واري علائقي جي هڪ نوجوان محمد عادل ٻڌايوته اسان 10 ڀاتين سان گڏ سر بچائي ڪراچي آيا آهيون هتي به تنگ آهيون پر جنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ تڏهن واپس وينداسين جڏهن حڪومت ضمانت ڏيندي. متاثرن موجب ويڙهه ۾ 60 کان 70 سيڪڙو گهرن کي تباهه ڪيو ويو آهي، روزگار جا وسيلا ختم ٿي ويا آهن، تنهنڪري اڪثريت واپس نه ٿيندي. ٽرانسپورٽرن موجب سوات ۽ بونير مان روزانو هڪ هزار کان 15 سئو تائين ماڻهو ڪراچي ڏانهن اچي رهيا آهن، جن مان گهڻا ته پاڻ کي رجسٽر ئي نه ٿا ڪرائين ۽ هو پنهنجي مائٽن وٽ ئي هليا وڃن ٿا.
Extending help to IDPs in Sindh: ANP’s request turned down
KARACHI: Sindh-based political parties have turned down a request made by the Awami National Party (ANP) for extending help to IDPs arriving in Sindh from Swat, Buner and other troubled areas of NWFP, stating that Sindh cannot afford more influx of outside population.
Different Sindh-based parties, including two groups of Jeay Sindh Qaumi Mahaz, Sindh Taraqi Passand Party and others have strongly opposed the arrival of the IDPs into the province and announced schedules of protest separately on the issue. ANP had appealed to them for helping the people of Swat and Bajaur, stating that the Sindhi people are known for their hospitality and courage. The party had said that the IDPs are fleeing their areas in order to protect themselves from the atrocities of the militants, adding that they were not coming to settle permanently. “Sindhis have already paid a big price of their hospitality. It is a fact that Sindh is the land of love and peace but we would not accept to be converted into a minority in our own homeland,” said Jeay Sindh Qaumi Mahaz Chairman Bashir Khan Qureshi.
Talking to the Daily Times he advised the ANP as well as the government to make arrangements for settling the IDPs in NWFP and Punjab. He said that the Sindhis are already facing a threat of outside population and have fear that their resources would completely be snatched in the future.
“We sympathise with the IDPs and will extend all possible support to them in their areas. Arrangements should be made for placing the IDPs in NWFP because it has a vast land and capacity to accommodate the IDPs”, said Sindh Taraqi Passand Party Chairman Dr Qadir Magsi.
He said that the people of Sindh were already hit by the Afghan war when millions of Afghans were brought here temporarily but never went back. He feared that Sindhis would be compelled to live in refugees camps in the near future if such inflow of population from other parts of the country continued. He also advised ANP to make arrangements for the IDPs in the ‘Pashtoonkhwa’ by setting up temporary sheds there.
Responding to a question about his party’s scheduled protest, Dr Magsi said that it has been announced to pressurise the PPP government on this issue. He said that PPP has come in power by getting majority of votes from Sindhi speaking people therefore it is under moral obligation to protect the interests of Sindhis.
Abdul Wahid Arisar, the chairman of his own faction of the Jeay Sindh Qaumi Mahaz, stated that ANP wants to settle more Pakhtoons in Sindh. “I regretfully say that ANP is not following the principles of Bacha Khan,” he added. razzak abro

Finally, the MQM -JSQM once again together on the issue of IDPs after 8 years.
KARACHI:21 may 2009: JSQM and MQM workers staged a protest demonstration against the setting up of relief camps for the NWFP IDPs in Sindh.
The JSQM supporters gathered outside the Karachi Press Club on Thursday and chanted slogans against the settlement of outsiders in Sindh. The demonstration was a part of JSQM’s protest against the influx of IDPs in the province. MQM leaders also participated in the protest demonstration.
Addressing the protesters, JSQM Chairman Bashir Khan Qureshi alleged that Sindh is being turned into Swat by bringing outsiders here. He feared that the militants and suicide bombers were also entering the province disguised as IDPs. “It seems that some elements want to create a situation of civil war in the province. Some four million Pakhtoons are already residing in the province,” he said while adding that the Urdu speaking people are brothers of Sindhis and the heirs of Sindh. The JSQM leader criticized Sindh Chief Minister Qaim Ali Shah for extending support to the IDPs. He demanded that he immediately wind up relief camps from the province and seal the borders of the province. He also demanded to convene a session of the Sindh Assembly to discuss the matter while adding that the people of Sindh would come out on roads by taking weapons and siege the provincial assembly otherwise.
Nisar Panwhar, an MPA belonging to MQM said that the people of Sindh have sympathies with the affected persons and would also extend assistance to them but would not allow them to settle here. A JSQM leader Asif Baladi, MQM’s Shabir Qaimkhani and others also addressed on the occasion.
Earlier, a five member JSQM delegation had called on the MQM Rabita Committee members Waseem Aftab and Shakir Ali at the Khursheed Memorial Hall near Nine Zero. JSQM’s central finance secretary Naeem Mandhro led the delegates.
Both sides discussed the issue of IDPs in a half hour meeting and agreed that they needed to strengthen their contacts for a joint stance on Sindh-specific issues such as the IDPs affair. The JSQM delegation expressed hope that the MQM would become a part of the peaceful strike by JSQM.
In response, the MQM Rabita Committee assured them of their full support. It has been learnt that JSQM has secured support from the Sindh United Party as well. “Although the JSQM has not contacted us so far, individually we support the call for protest,(Daily Times report)